زاهد علي ڀرڳڙي

زاهد علي ڀرڳڙي

زاهد علي ڀرڳڙي

زاھد علي ڀرڳڙي : حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان زاھد علي ولد غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ جو جنم، 3 جون 1959ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي (79-1978ع) ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي سال سيد حسين شاھھ بخاري سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو چيئرمئن ھو تھ زاھد علي ڀرڳڙي سپاف ۾ شامل ٿيو. جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي پوليس گرائونڊ حيدرآباد ۾ سياسي جلسو ڪيو تھ نوجوان زاھد علي ڀرڳڙي جلسي جي سيڪيورٽي دستي ۾ شامل ھو. 1986ع کان 1997ع تائين حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ رھيو. سياسي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ طور پھريون ڀيرو 2001ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد شھر مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 2005ع جي ضمني چونڊن ۾ به حصو ورتو. ٽيون ڀيرو 2008ع وارين عام چونڊن ۾ حصو وٺي پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي، صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.03  عيسوي

زاهد علي ڀرڳڙيءَ جو جنم ، 3 جون 1959ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زوار نقوي
توتان
جهانگير قريشي
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
سڪينه سمون
انور علي شاهه ڊاڪٽر
حافظ حبيب سنڌي
انور الدين شيخ
فيض محمد سڪندري پتافي
آزر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون